حاجي ڪامل خان

حاجي ڪامل خان

ڪامل خان حاجي

ڪامل خان حاجي : جمالين جي عيساڻي پاڙي جي پڳدار ڪٽنب جو فرد رئيس حاجي ڪامل خان جمالي ولد محمد حسن خان جمالي، 1940ع ڌاري مٽياري ضلعي جي ڳوٺ نبي بخش خان جماليءَ ۾ پيدا ٿيو. قرآن پاڪ ۽ عربي فارسيءَ جا اوائلي سبق ۽ سنڌي فائنل ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پڙهيائين. هن نوجوانيءَ ۾ بلدياتي چونڊن ذريعي عـمـلــي سـياسـت ۾ قــدم رکـيـو. هي ڪائونسلر، ٻه ڀيرا ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر ۽ 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ هالا نيو سعيد آباد جي تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو ويو. حاجي ڪامل خان جمالي، ايم پي اي رهڻ دوران تعلقي هالا جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي. ڪيترائي اسڪول اسپتالون، روڊ، رستا ۽ پليون ٺهرايائين. خاص طور هالا تعلقي جي ٻهراڙيءَ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول منظور ڪرايائين. ٻين سماجي ڪمن سان گڏوگڏ سوين بيروزگار نوجوانن کي سرڪاري ملازمتون وٺي ڏنائين. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پورهيتن جي حقن واري اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. هن ايم. پي. اي هئڻ دوران روهڙي ڪئنال جي بکر جمالي پل ڀرسان نيشنل هاءِ وي نيو سعيد آباد، سرهاڙي ۽ نواب شاهه روڊ جي سنگم تي پنهنجي فرزند جي نالي سان هڪ نئين شهر ’سڪندرآباد‘ جو بنياد رکيو. سندس ذاتي دلچسپي ۽ نظرداريءَ سبب هي شهر مختصر عرصي ۾ مٽياري ضلعي جو اهم زرعي ۽ ڪاروباري مرڪز بڻجي ويو. سڪندرآباد ۾ سندس ذاتي ڪوششن سان گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول، يونين ڪائونسل آفيس، پوسٽ آفيس، گرڊ اسٽيشن، يوٽيلٽي اسٽور، پيٽرول پمپ، پوليس پوسٽ، ۽ بئنڪون ٺهيون. سنڌ ۾ آباد جمالي برادريءَ جي ست راڄي پڳدار هئڻ ناتي هن پنهنجي برادري جا ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايا. پاڻ ذاتي طور سخي مرد، علم دوست ۽ غريب پرور سان گڏوگڏ راڄوڻي فيصلن ۾ بي ريا امين طور پڻ مشهور آهي. ڪمشنر حيدرآباد طرفان ڪيترن وراثت جي پيچيدن ۽ منجھيل راڄوڻي فيصلن لاءِ کيس امين مقرر ڪيو ويو، هن سنڌ ۾ هڪ انوکي انداز جي ڪچهرين جو رواج قائم ڪيو، جنهن مطابق علائقي جي اعليٰ آفيسرن کي دعوت ڏيئي انهن سان علمي ڪچهرين جو بندوبست ڪيائين. جيئن علائقي جي نوجوانن ۾ سي. ايس. ايس ۽ ٻين مقابلي جي امتحانن جو رجحان پيدا ٿئي ۽ والدين ۾ به پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو شعور پيدا ٿئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو